مولانا عبدالرحمان پتافي ضيائي

مولانا عبدالرحمان پتافي ضيائي

عبدالرحمان پتافي ضيائي مولانا

عبدالرحمان پتافي ضيائي، مولانا: مولانا عبدالرحمان پتافي ضيائي 1899ع ڌاري ڳوٺ مولوي بهاءُالدين پتافي، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪي ۾ نامور عالم، مصنف، شاعر ۽ فارسيءَ جي ثاني سعدي مولانا بهاءُالدين بهائي پتافيءَ جي گهر ۾ ڄائو. والدين جو ننڍو فرزند هو. قرآن شريف جي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين، عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنهنجي والد وٽ پڙهيو، پر پنهنجي والد جي پيرسني ۽ نظر گهٽجي وڃڻ سبب هن فارسي تعليم مختلف مدرسن ۾ حاصل ڪئي. گهڻو وقت مولانا عبدالڪريم ڪاڪيپوٽي ۽ قاضي محمد ابراهيم ڪارڙن واري وٽ شهدادڪوٽ ۾ پڙهيو. آخر ۾ مولانا حافظ محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري وٽ دستاربند ٿيو. جنهن بعد مختلف مدرسن ۾ درس ۽ تدريس ڏيندو رهيو. فارسي ۽ سنڌي شاعريءَ جو ملڪو موروثي مليل هوس. بيعت، نقشبندي خاندان جي بزرگ محمد عمر جان چشتيه شريف ڪوئيٽا کان ورتي هئائين. پنهنجي والد کان وٺي هن جو واسطو درگاهه عاليه پير صاحب پاڳاري سان رهيو. ملڪ جي معتبر عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا واسطا هوندا هئا، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان به سندس گهڻي رغبت هئي ۽ ڪجهه سال مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت ۾ هالا ۾ به رهيو. مخدوم محمد زمان جي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي سربراهيءَ واري دور ۾ مولانا عبدالرحمان ضيائي پنهنجا ۽ پنهنجي والد جا سنڌي ۽ فارسيءَ (نظم ۽ نثر) جا سمورا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ مخدوم طالب الموليٰ کي پيش ڪيا، جيڪي اڄ به بورڊ ۾ موجود آهن. سنڌ جي مشهور شاعر، اديب، مترجم ۽ حڪيم نياز همايونيءَ فارسي گهڻي تڻي مولانا عبدالرحمان ضيائيءَ کان سکي. عبدالرحمان ضيائيءَ جا وڏا ڀائر به سڀئي عالم ۽ شاعر هئا، جن ۾ محمد اعظم ‘سراجي’ وڏي پائي جو شاعر هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو